ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر جي امام واهه مان نڪرندڙ جاڙڪي شاخ کي ديھه لڪڙا ڳوٺ مٺو چانگ وٽان 15 فوٽ گهارو پئجي ويو. گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺلسارين، ڪمند ۽ ڦٽين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. بروقت اطلاع باوجود ڪو به آبپاشي عملدار واقعي واري هنڌ نه پهتو. علائقي واسين وڏي ڪوشش بعد گهارو بند ڪري وڌيڪ ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو. متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ايريگيشن عملدارن کي وقت سر اطلاع ڏنو ويو پر ڪوبه عملدار اڃا تائين نه پهتو آهي. ٻئي طرف آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهارو پوڻ سبب اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي، نقصان جو ازالو وڃي.