وارهه (ن پ ا) قمبر تعلقي جي ڳوٺ هوت خان چانڊيو جي رهواسي گلزار چانڊيو وارهه پريس ڪلب اڳيان معصوم ٻار ۽ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته ايم پي اي سردار خان چانڊيو کي 11 سال اڳ ڪاڇي جي علائقي ۾ 341 ايڪڙ زمين في جريب 20 هزارن ۾ وڪرو ڪري ڏني هئي، جنهن مان کيس 27 لک رپيا رقم ڏني وئي ۽ باقي رقم کان کتو جواب ڏنو ويو آھي، هن چيو ته رقم نه ملڻ سبب سخت پريشان آھيان، نوٽيس وٺي سردار خان چانڊيو کان رهيل رقم ڏياري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ايم پي اي سردار چانڊيو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته احتجاج ڪندڙ سموري رقم وٺي ويو هو، وٽس جيڪڏھن ڪا به ايگريمنٽ يا رڪارڊ آھي ته پيش ڪري، باقي هو ڪجهه مخالفن جي چوڻ تي بنا جواز ڪوڙا الزام هڻي رهيو آهي.