هارين جي شڪايتن جو نوٽيس: وزيراعظم حڪومت کي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
53
هارين جي شڪايتن جو نوٽيس: وزيراعظم حڪومت کي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
هارين جي شڪايتن جو نوٽيس: وزيراعظم حڪومت کي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزير اعظم شهباز شريف ڪڻڪ بابت هارين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي وفاقي حڪومت کي فوري طور تي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت پاران ڪڻڪ جي خريداري جو هدف 14 لک ٽن مان وڌائي 18 لک ميٽرڪ ٽن ڪري ڇڏيو ۽ پاسڪو کي حڪم جاري ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري جو هدف وڌائي فوري خريداري کي يقيني بڻايو وڃي

وزيراعظم شهباز شريف پاسڪو کي ڪڻڪ جي خريداري ۾ شفافيت ۽ هارين جي سهولت کي اوليت ڏيڻ جي به هدايت ڪئي

واضح رهي ته پنجاب حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 3900 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي پر هارين جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪرڻ باوجود ڪڻڪ جو اگهه 3200 رپيا في مڻ ملندو رهيو آهي

ان کان اڳ پنجاب جي خوراڪ کاتي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان جي گودامن ۾ اڳ ئي 23 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي، ٽن رڪني وزارتي ڪميٽي هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪڻڪ جي خريداري واري پاليسي جو اعلان ڪندي

خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ته موجوده مالي حالتون ۽ موسم ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سازگار نه آهي، ماضي ۾ ڪڻڪ جي خريداري تي هاري جهيڙا ڪندا هئا.اڄ جڏهن کليل اجازت ڏني وئي آهي تڏهن به هاري روئي رهيا آهن

هن کي به پڙهندا

سنڌ ۽ پنجاب ۾ بارداڻي جو بحران: آبادگار سراپا احتجاج