سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ آبپاشي کاتي جي ملڪيتن بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ملٽري روڊ وٽ سرڪاري زمين تي قائم بولان پيٽرول پمپ بابت عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي عدالت لاڳاپيل ذميوارن کان پڇاڻو ڪيو، جنھن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور کي عدالت ھٽائڻ جو حڪم ڏنو آھي، تنھن ڪري عدالتي حڪم تي ڪئين عمل ٿئي. سرڪاري وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته فيصلي تي نظر ثاني ڪئي وڃي، جنھن تي عدالت اِن معامري تي لکت ۾ درخواست ڏيڻ جو حڪم ڏنو. درخواست گذار جي وڪيل محمد علي ناپر موجب ٻڌڻي دوران ھوٽل مالڪ عدالت کي ٻڌايو ويو ته بولان ھوٽل جو پھريان ساليانو 2 ھزار رپيا ڪرايو ڏنو ويندو ھو جيڪو ھاڻي 13 ھزار رپيا ڏنو پيو وڃي. وڪيل محمد علي ناپر موجب عدالت ذميوارن کي حڪم ڏنو آھي ته بولان ھوٽل جو سيشن جج جي نگرانيءَ ۾ اوپن آڪشن ڪرايو وڃي. جنھن کانپوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.