ميرپورخاص (رپورٽر) ڪجهه ڏينھن اڳ جمڙائو ڪئنال مان هٿ آيل 20 ورھين ناري ناظمه خاصخيلي جي لاش ملڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سرور خاصخيلي جو 5 ڏينهن پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ بعد تعلقي ٿاڻي جي پوليس جوابدار کي سيڪنڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي رمانڊ پيش ڪندڙ اي ايس آءِ جمن مري عدالت کان وڌيڪ پوليس رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت جوابدار کي وڌيڪ 3 ڏينھن جي رمانڊ تي تعلقي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، 16 اپريل تي ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.