مورو (ن پ ا) مورو ويجھو قومي شاھراهه ٽپال ڳوٺ وٽ نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو، اھڙو اطلاع مورو پوليس کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال مورو آندو جتي لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ کانپوءِ قانوني گھرجون پوريون ڪري لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، جن لاش جو غسل ۽ ڪفن ڏئي مولانا خالد حسين سيال جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءِ حوالي ڪيو، ملندڙ لاش بابت ٻڌايو ويو آھي ته گذريل ڏينھن ساڳئي شخص پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي ڇڏي ھئي.