اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جون ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اپيلن کي جلد ٻڌڻي لاءِ نيب جي درخواست منظور ڪندي رجسٽرار کي هدايت ڪئي آهي ته ڪورونا پاليسي جي مطابق اپيلن تي ٻڌڻي مقرر ڪئي وڃي، ڪالهه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ڊويزنل بينچ آڏو نيب جون اپيلون جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، نيب جو وڪيل سردار مظفر عباسي ڪورونا سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو، جڏهن ته رجسٽرار آفيس پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جسٽس عامر فاروق چيو ته نواز شريف روپوش آهي، ان جون احتساب عدالت جي فيصلي خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري سگهجن ٿيون يا نه ان مامري تي نيب جي مدد گهربل آهي، احتساب عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواستن کي گڏائي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو.