اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي 21 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. صارفين کي ايندڙ مهيني جي بلن ۾ رليف ملندو، نيپرا بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان پنهنجو تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو. اهو رليف لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي نه هوندو. ان حوالي سان نيپرا جي سنڌ جي ميمبر رفيق شيخ چيو آهي ته سي پي پي اي جو اين ٽي ڊي سي سان بجلي جو ڪوبه معاهدو نه آهي. جڏهن ته سي پي پي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته اين ٽي ڊي سي جو بجلي ڪمپني سان بجلي جي ورهاست جو معاهدو آهي.