ليه (م ڊ) ليه جي علائقي جمن شاهه ۾ تيز رفتار بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، فوت ٿيلن ۾ 6 مرد ۽ 1 عورت شامل آهي. ريسڪيو ذريعن موجب مسافر بس سان حادثو موٽر سائيڪل رڪشي کي بچائيندي پيش آيو. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.