نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيو سعيد آباد ۾ قرض ڏيندڙ اين جي او خلاف ڳوٺ ڱاجي بخش کوسو جي کوسا برادري جي عورتن احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڳوٺ گاجي بخش کوسو جي کوسا برادري جي عورتن ثمينا کوسو آسما کوسو زيبا کوسو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي الزام ھنيو آھي ته سافڪو جي وسيما قمبراڻي پئسا وٺي رسيدون نه ڏنيون ھاڻ وري اورنگزيب ۽ سنبل ڀٽي پئسن لاء ڌمڪائي رھيا آھن. ھنن چيو ته ڄاڻايل عملدارن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي روز گھرن ۾ گھڙي هراسان ڪن ٿا ۽ گھرن مان سامان کڻڻ لاءِ ڌمڪائين ٿا. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي ھنن مان جان آجي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.