باڊھه (ن پ ا) باڊھه کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو، ان ڏس ۾ تعلقو ٺاهيو ڪاميٽي جي سڏ تي باڊھه واسين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن عاصمه ابڙو، عزيز بروهي، دودو ديشي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان باڊھه جو عوام تعلقي لاءِ دانهين رهيو آھي پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، هنن چيو ته باڊھه جي ترقي جو دارومدار تعلقي سان سلهاڙيل آھي، شهر جي تعلقي ٿيڻ سان باڊھه واسين لاءِ روزگار جا ذريعا کلندا، هنن مطالبو ڪيو ته باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏئي باڊھه واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.