چيلھار ۾ ڏيڍ سال کان لڳندڙ گهرن کي پراسرار باهه .!

0
343

چيلھار(ن پ ا) چيلھار ۾ ڏيڍ سال کان ھلندڙ پراسرار باھ روھيلا پاڙي ۾ ھڪڙي ئي گھر کي ھفتي ۾ ھڪڙي چونئري کي لڳندي رھي ٿي، ڀڳت سروپو جي چار پٽن جا ھڪڙي ئي لوڙھي ۾ گھر آھن جن ۾ ڪڏھن ھڪ چونئري ته ڪڏھن ٻئي چونئري کي لڳي ٿي، گھر وارن جو چوڻ آهي ته اسان کي ماڻھون صلاحون ڏنيو ته جايون ٺھرايو، اسان غريب ھجڻ باوجود ڪمرا ٺھرائڻ شروع ڪيا ته اڄ ڪمري ۾ باھ لڳي وئي، گھرڀاتين جو چوڻ آهي ته جنھن چونئري کي باھ لگي ٿي ته صرف ان کي ئي جلائي ٿي، پاسي ۾ ڪجهه به ھجي ٿو ان جو نقصان نٿي ڪري، هنن جو چوڻ آهي ته ڪالهه باھ جنھن چونئري کي لڳي ان چونئري مٿي بلڪل ٽچ ٿيل لائيٽ جي ڪچي تار ھئي اھا نه سڙي، اھا ھاڻي به موجود آھي، گھر ڀاتي راجو ميگھواڙ ۽ گمانو ميگھواڙ جو چوڻ آهي ته اسين ست لک رپيا پراسرار باھ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ تي خرچ ڪري چڪا آھيون پر ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو، اسين انتھائي پريشان آھيون، راتيون جاڳي ڪٽون ٿا ٻار ڊپ سبب سمھن به نٿا، اڄ سڄو پاڙو گڏ ٿي ڪارڻ معلوم ڪرڻ جو سوچي رھيا ھئاسون ته ڪمري کي باھ لڳي وئي، آخر ڪريون ته ڇا ڪريون، ڪيڏانهن وڃون، اسان جي لڳل گھرن ۾ باھ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.