نيويارڪ فليٽس ڪيس: آصف علي زرداري جو گھيرو تنگ

0
331
آصف زرداري جي ڳڙهي خدابخش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آصف زرداري اليڪشن ڪميشن ۾ نيويارڪ فليٽس پراپرٽي ظاهر ناهي ڪئي، دستاويز موجود آهن ته ملڪيت آصف زرداري جي آهي، نيب اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف نيويارڪ فليٽس ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کان آصف زرداري جي ملڪيتن جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آھي، امريڪا کان به وڌيڪ تفصيل وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، نيب ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري اليڪشن ڪميشن ۾ نيويارڪ فليٽس ظاهر ناهن ڪيا، دستاويز موجود آهن ته آصف زرداري 20 جون 2007ع تي ميري اين نالي عورت کي پراپرٽي خريدڻ لاءِ پاور آف اٽارني ڏنو.