ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي نينگر جي “ڪوبرا” نانگ کي پڪڙڻ جي حيران ڪندڙ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. انسٽاگرام تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ تي موجود نينگر خطرناڪ ڪوبرا نانگ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ننڍي عمر جو نينگر ڪوبرا کان بچندي هن کي پڪڙي رهيو آهي ۽ هڪ موقعي تي نينگر ڪوبرا نانگ کي پُڇ کان پڪڙي به وٺندو آهي، آخر ۾ اهو ڪوبرا نانگ کي مٿي کان پڪڙي هن کي قابو ڪري وٺندو آهي. وائرل ٿيندڙ وڊيو کي هن وقت تائين هزارين واهپيدار ڏسي چڪا آهن ۽ ان تي تبصرا به ڪري رهيا آهن. وڊيو ڏسي ڪجهه واهپيدار حيران گهجي ويا جڏهن ته ڪنهن نينگر کي بهادر چيو. واضح رهي ته ڪوبرا نانگن ۾ سڀ کان زهريلو ٿيندو آهي هن جو زهر هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري سگهي ٿو.