رتوديرو (ن پ ا) رتيديري ۾ قتل ٿي ويل نينگر جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري شڪاپور روڊ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي شهمير، حاجي سليمان، شاهد، عبدالقيوم، لکمير، ممتاز لاشاري، بينظير، عظيمان خاتون، ڪوثر ۽ ٻين چيو ته سندن نينگر کي بيگناهه بيدردي سان قتل ڪري لاش گندي نالي ۾ ڦٽو ڪيو ويو، هن چيو تهن 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن وقت تائين نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي رتوديرو پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آهي، هنن چيو ته پوليس نينگر جا قاتل ڳولهڻ بدران الٽو اسان جي ڇوڪرن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي جن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هنن جو چوڻ هو ته پوليس هن وقت تائين رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او رتوديرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.