ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا نيلم منير جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ پشتو گيت جلوا ڏيکاريندي نظر اچي رهي آهي. اداڪارا کي وڊيو ۾ ساڙي ۾ رقص ڪندي ڏسي سگھجي ٿو جنهن ۾ اهو واضح ناهي ٿي سگھيو ته وڊيو ڪڏهن جي آهي. ڄاڻايل وڊيو تي جتي ڪجهه واهپيدارن کي اداڪارا جو اهو انداز پسند اتي ئي ڪجهه ماڻهن کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو آهي. هڪ واهپيدار اداڪارا کي ائين دنيا کان غافل ڊانس ڪندي ڏسي کيس ”ملنگ“ قرار ڏنو. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ به نيلم منير جي ڊانس جي وڊيو وائر ٿي هئي جنهن ۾ هن گاڏي ۾ سفر دوران ڊانس اسٽيپ ڪيا هئا.