شڪارپور ۾ چوري ٿيل موٽر سائيڪل جي چڪر ۾ معصوم ٻالڪ جي زندگي ضايع

0
294
معصوم ٻالڪ جي زندگي ضايع

شڪارپور (ن پ ا) شڪارپور ۾ چوري ٿيل موٽر سائيڪل جي چڪر ۾ معصوم ٻالڪ جي زندگي ضايع ٿي وئي، ٻالڪ ارشاد شيخ کي وارث علاج لاءِ اسپتال کڻي آيا ته پٺيان موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي، وارث چور پٺيان ڀڳا، طبي امداد نه ملڻ سبب بيمار ٻالڪ دم ڏئي ڇڏيو.

 وارثن طرفان انڊس هاءِ تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته ارشاد شيخ کي اسپتال آندو ته موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي، موٽرسائيڪل جي پٺياب ڀڳاسين تھ علاج نھ ٿيڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي.

اسپتال انتظاميا طرفان ٻارڙي کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جِي ترديد ڪئي وئي، ٽائيم نيوز موٽر سائيڪل چوري ٿيڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ورتا.