اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪڊني هلز ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ۾ جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ سبب فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر سميت سليم مانڊوي والا ۽ جوابدار اعجاز هارون پيش ٿيا، جوابدارن جي حاضري لڳائڻ کان پوءِ جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو ڏينهن هو سمورا جوابدار پيش ڇو نه ٿيا آهن، جنهن تي جوابدار عبدالقادر جي وڪيل چيو ته عبدالقادر شديد بيمار آهي، ان جون ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون آهن، عدالت وڊيو لنڪ جو انتظام ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ۾ ڪجهه دير جو وقفو ڪيو، عدالتي عملي وقفي کان پوءِ عدالت کي آگاهه ڪيو ته وڊيو لنڪ جو انتظام هن وقت نه ٿو ٿي سگهي، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا چيو ته عدالت نيب کي 15 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي ته هو ڪجهه ته عدالت ۾ پيش ڪن، نيب جو چوڻ آهي ته 24 ارب رپين جي رڪوري ٿي آهي، جيڪڏهن رڪوري ٿي آهي ته اها ڪٿي آهي، هن چيو ته اسان اهو حساب گهرنداسين ته جڏهن کان نيب جڙي آهي تڏهن کان ان مٿان ڪيترو خرچ ڪيو ويو آهي، چيئرمين نيب پارلياماني ڪاميٽين کي بچي رهيو آهي.