گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي شهر جي رحموالي محلي ۾ گهر اندر بجلي جو لڳل ڪنڊو ڪٽڻ ۽ بجلي جو بل پڇڻ واري معاملي تان گهرڌڻي ٻڍو جسڪاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي واپڊا جي لائين مين رشيد ميراڻي کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، لائين مين جي قتل واري واقعي خلاف مقتول جي وارثن ثناءُ الله ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي نوجوان جي وارثن دانهيندي چيو ته پوليس جوابدارن جي ڀٺڀرائي ڪري رهي آهي، لائين مين رشيد ميراڻي کي پوليس اهلڪارن جي سامهون گهٽاڏئي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس 4 جوابدارن مان صرف هڪ جوابدار ٻڊو جسڪاڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آهي، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيستائين مقتول لائين مين رشيد ميراڻي جو قتل ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيستائين هو لاش نه کڻندا ۽ ڌرڻو جاري رهندو، جنهن بعد اي ايس پي ميرپور ماٿيلو جهانداد خان پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو، ٻي طرف مقتول رشيد ميراڻي جو قتل ڪيس ڀاءُ ثناءُ الله ميراڻي جي فرياد تي ٻڍو جسڪاڻي ۽ 2 نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.