نيب وٽ ڪوبه ڪيس هوندو ئي نه آهي، تنهنڪري نيب تي سياسي انجنيئرنگ جا الزام لڳندا آهن:اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

0
440
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب

اسلام آباد: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آھن تھ نيب وٽ ڪوبه ڪيس هوندو ئي نه آهي، تنهنڪري نيب تي سياسي انجنيئرنگ جا الزام لڳندا آهن، نيب سڀني جو احتساب ڪندو آهي، ڇو نه نيب جو به احتساب ڪيو وڃي

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف شاهدين بنا ريفرنسز ٺاهڻ تي اهم رمارڪس ڏنا آھن، آصف زرداري جي بريت خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب مڃي ته ريفرنس ٺاهڻ وقت کانئن غلطي ٿي آهي، غلطي ٿي آهي ته اُن وقت جي نيب چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويندو، پوءِ اها ڳالهه به صحيح مڃي ويندي ته نيب سياست لاءِ استعمال ٿيندو آهي

 عدالت کي لڳو ته نيب جي نيت ٺيڪ نه آهي، پوءِ هن معاملي کي نه ڇڏينداسين، قانون موجب غلط ريفرنس ٺاهڻ تي نيب خلاف ڪارروائي ٿيندي آهي، نيب اپيل تي مطمئن نه ڪري سگهيو ته نيب خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، نيب ڪنهن جي چوڻ تي آصف زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪيو، 7 سال گذرڻ باوجود نيب ڪو به رڪارڊ نه آڻي سگهيو آهي، نيب عوام جو وقت ضايغ ڪري رهيو آهي،  پراسيڪيوٽر جنرل کي نيب جي اپيلن جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

ھي به پڙھندا

نيب طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ريفرنسز جو رڪارڊ غائب ٿيڻ جو انڪشاف