نيب وزيراعظم شهباز شريف کي آشيانا هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ به بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو

0
213
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم

نيب وزيراعظم شهباز شريف کي آشيانا هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ به بي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو

 نيب موجب آشيانا هائوسنگ اسڪيم جي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جا ڪي به ثبوت ناهن مليا، نه سرڪاري ناڻي کي نقصان پهتو ۽ نه شهباز شريف فائدا حاصل ڪيا

 نيب موجب آشيانا هائوسنگ اسڪيم  ۾ شهباز شريف خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جا به ڪي ثبوت نه مليا، ان معاملي ۾ شهباز شريف خلاف بدنيتي جو ڪو پاسو به ثابت نه ٿيو

 نيب جو چوڻ آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سرڪاري ناڻي کي نقصان نه پهتو

نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪامران ڪياني به سرڪاري خزاني  کي ڪو به نقصان نه پهچايو، فواد حسن فواد به ٺيڪا ڏيارڻ لاءِ ڪا به رشوت نه ورتي

نيب موجب شهباز شريف آشيانا هائوسنگ اسڪيم  جو معاملو قانون موجب اينٽي ڪرپشن کي موڪليو هو، نيب سفارش ڪئي آهي ته احتساب عدالت قانون موجب شهباز شريف  جي بريت جي درخواست تي فيصلو ڪري