ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس ۾ ثبوت ۽ رپورٽون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آخري مهلت ڏئي ڇڏي، ڪالهه احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻيا پيش ٿيا، ان وقعي تي آغا سراج دراني جي وڪيل جو چوڻ هو ته نئين قانون تحت ريفرنس نه ٿو ٺهي، نيب وٽ ڪو به ثبوت موجود ناهي، ريفرنس کي خارج  ڪيو وڃي،  هن چيو ته احتساب عدالت ۾ هڪ سال کان جج مقرر نه هجڻ ڪري ريفرنس ھلي نه سگهيو، هن وڌيڪ چيو ته جنهن ملڪيت تي ريفرنس ٺاھيو ويو آهي، اھا ملڪيت آغا سراج دراني جي وڏن جي آهي،  عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ھڪ سال کان ڪيس ڇو نه ھليو آهي؟ گذريل ٻڌڻي تي طلب ڪيل ريفرنس جا ثبوت ۽ رپورٽون ڪٿي آهن؟  نيب رپورٽ پيش ڪرائڻ لاءِ عدالت کان مھلت طلب ڪري ورتي، عدالت چيو ته ھي آخري مھلت آهي، 9 مئي تي نيب رپورٽ پيش نه ڪئي ته عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي