اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، شهري چوڌري محمد امتياز پاران درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ موقف رکيو ويو آهي ته صدر هڪ سياسي پارٽي ڏانهن لاڙو رکڻ سان گڏ جانبدار آهي، هو سياسي پارٽي جي چيئرمين جي چوڻ تي ڪنهن به قانونسازي جي منظوري نٿو ڏئي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته صدر عارف علوي جانبدار هجڻ ڪري عهدي تي رهڻ جي اهل ناهي رهيو،  درخواست ۾ صدر عارف علوي کي ڌُر بڻايو ويو، درخواستگذار پاران صدر عارف علوي کي هٽائڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا پڻ ڪئي وئي.