لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هاسٽل مان دادو واسڻ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين جو ڦاهو کاڌل لاش ھٿ اچڻ وارو معاملي ۾ يونيورسٽي طرفان جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي باضابطه طور جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان ڊاڪٽر نوشين واري واقعي بابت يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف بيسڪ ميڊيڪل سائنس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل فيڪٽ فائيڊنگ ڪاميٽي ۾ شامل ميمبرن پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر رشيد احمد پٺاڻ، يونيورسٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر اصغر علي ڀٽو، ميمبر ايس ايچ او رحمت پور سعيد جماڻي سان گڏجي هاسٽل جي 25 ملازمن ۽ شاگردياڻين کان وڌيڪ ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا. واضع رهي ته فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي طرفان ڊاڪٽر نوشين واري معاملي جي جاچ ڪري ٽن ڏينهن ۾ اهڙي رپورٽ يونيورسٽي انتظاميه حوالي ڪئي ويندي. هوڏانهن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي قمبر واري رھائش گاهه تي پهچي سردار چانڊيو سان ھفتو اڳ سندس گهر واري جي انتقال تي تعزيت ڪندي مغفرت جي دعا گهري ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين شاهه جو گرلز ھاسٽل مان لاش ملڻ واري واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي ويندي. ھن چيو ته واقعي جي مليل خبر تمام گهڻي ڏکائتي ھئي، نوشين شاهه واقعي جي شروعاتي رپورٽ اچي چڪي آهي. انتظاميا کي واقعي جي جاچ نوشين شاهه جي وارثن جي رضامندي سان ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ھن چيو ته جيڪڏهن وارث انتظاميا کان نه پر ٻئي ڪنهن اداري کان جاچ ڪرائڻ گهُرن ٿا ته اسان تيار آهيون. هن چيو ته ھن افسوس ناڪ واقعي ۾ حڪومت نوشين شاهه جي وارثن سان گڏ آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان گڏ شرجيل انعام ميمڻ ۽ مڪيش چاولا، مرتضي وھاب، تيمور ٽالپر پڻ گڏ هئا .وڏي وزير جي آمد دوران سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا قمبر کان لاڙڪاڻي ويندڙ روڊ کي پڻ سيل ڪيو ويو هو وڏو وزير ڪراچي کان هيلي ڪاپٽر ذريعي قمبر پهتو.