دادو: نوشين جي چاچي فدا حسين ڪاظمي تصديق ڪندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي اسان کي ٻڌايو ته نوشين جي موبائيل سيٽ ۽ سم مان صرف 3 نمبرن تي رابطو رهيو آهي جنهن مان 2 نمبر ماءُ پيءُ ۽ هڪ سندس سهيلي جو آهي ۽ نوشين ان سهيلي سان 2 سال اڳ رابطي ۾ هئي پر نوشين گذريل هڪ سال کان ان سهيلي سان رابطو نه ڪيو. نوشين جي چاچي وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو اسان کي اهو به چيو ته ٿي سگهي ٿو ته نوشين ماءُ، ڀينرن يا سهيلين سان ڪنهن پريشاني جي ڳالهه ڪئي هجي، توهان انهن کان پڇا ڪيو. اسان ڀاڄائي، ڀائٽين وغيره کان به جاچ ڪئي پر ڪنهن سان هن ڪڏهن پريشاني جي ڳالهه ناهي ڪئي ۽ سڀني سان خوش هئي، نوشين جي چاچي وڌيڪ ٻڌايو ته نوشين هڪ وڳي ڪاليج جي هاسٽل مان صرف ڪتاب کڻڻ وئي هئي واپس گهر موٽڻي هئي. هن ٻڌايو ته اسان ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي چيو آهي ته روم مان ورتل فنگر پرنٽس ۽ جزن جي ڪيميڪل رپورٽ لاهور ليبارٽري مان ڪرائي وڃي. فدا حسين ڪاظمي اهو به ٻڌايو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو چوي ٿو ته نوشين خودڪشي ڪئي جنهن تي اسان کانئس پڇيو ته توهان چئو ٿا ته نوشين خودڪشي ڪئي آهي پر خودڪشي ڇو ڪئي؟، ان جو سبب به ته هوندو جنهن تي ايس ايس پي اسان کي چيو ته اهو ته مسئلو آهي جو نوشين جي موبائيل سم ڊيٽا مان ڪابه اهڙي شيءِ ناهي ملي جو سبب معلوم ٿي سگهي.