نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز باءِ پاس تي تيز رفتار ڪوچ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنھن سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪوچ جي ٽڪر ۾ فيضان راڄپر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته معروف راڄپر شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ ڪري سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو. اطلاع تي نوجوانن جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو. فوتين جو تعلق ڳوٺ موسيٰ راڄپر سان آھي. نوجوان کير وڪرو ڪري موٽرسائيڪل تي واپس وري رھيا ھئا ته ڪوچ ساڻن ٽڪرائجي وئي.