ڪنري (ن پ ا) عدالتي حڪم تي ڪنري پوليس جي ڪاروائي، 19 ھاري بازياب. سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس زميندار ظھير آرائين جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھنيو. پوليس ڇاپي دوران مبينا باندي بڻايل 19 ھارين کي بازياب ڪرائي ڪنري ٿاڻي تي وٺي آئي، بازياب ٿيلن ۾ 8 ٻار، 6 مرد ۽ 5 عورتون شامل آھن، ھارين جو تعلق ڪولھي برادري سان آھي. درخواستگذار کٻڙ ڪولھي عمرڪوٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي. بازياب ڪرايل ھارين ۾ بختي، پرتاب، ايشور، نرملا، ريجھو ۽ ٻيا شامل آھن. پوليس موجب بازياب ڪرايل ھارين کي اڄ سومر ڏينھن عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.