نوشهروفيروز (رپورٽر) ابڙان ۾ عطائي ڊاڪٽر شرف الدين خاصخيلي پاران عورتن سان غيراخلاقي حرڪتون ڪري سندن وڊيو ظاھر ڪرڻ واري معاملي جو ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري نوٽيس ورتو، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي نوشهروفيروز چيو ته وڊيو پوليس کي ھٿ اچي وئي آھي ۽ ھاڻي عورت جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ھن وقت تائين وڊيو ۾ نظر ايندڙ عورت سميت ٻيو ڪوبه ماڻھو سامھون اچڻ ۽ عورت کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو ته خانگي ماڻھو فريادي ٿيڻ سان ڪيس مضبوط ٿيندو، پر ڪير به ڪيس ۾ بدنام ٿيڻ جي ڊپ سبب سامھون اچڻ لاءِ تيار ناھي. ان باوجود پوليس پاران جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته خانگي ماڻھو سامھون اچي. ھن چيو ته عورتن سان غيراخلاقي حرڪتن واري وڊيو ڀرڻ انتھائي ڪريل حرڪت آھي ۽ ثبوت سامھون اچڻ تي عطائي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.