ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) ڪراچي زو جي راڻي نور جهان جي صحت ۾ بهتري نه آئي، ڇهين ڏينهن به پٽ تي ليٽيل رهي، پرڏيهي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم به نه پهتي، آصفه ڀٽو زرداري پاران نورجهان لاءِ 6 واٽر اسپري فين ( پکا) موڪليا ويا، نور جهان ۽ مڌو بالا جا عاج وارا قيمتي ڏند نومبر 2021 ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ نور جهان هاٿڻ  جي صحت ۾ 6 ڏينهن به بهتري نه آئي، اها سڄو ڏينهن پٽ تي ليٽيل رهي، ڊاڪٽر عامر جي قيادت ۾ پرڏيهي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم 6 ڏينهن گذرڻ باوجود نه پهتي، ڊائريڪٽر زو پاران ٻن ڏينهن اندر فورپاز جي ٽيم جي پهچڻ واريون دعوائون اڌريون رهجي ويون، ٻئي طرف آصفه ڀٽو زرداري پاران هاٿڻ جي سار سنڀال لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، ڪالهه زو انتظاميه کي  نورجهان لاءِ واٽر اسپري وارا 6 فين ( پکا ) فراهم ڪيا ويا، هوڏانهن زو جي جائزي دوران معلوم ٿيو آهي ته زو جي عملي پاران نومبر 2021ع ۾ نور جهان ۽ مڌو بالا جا قيمتي عاج واري ڏند ڪڍي وڪرو ڪيا ويا آهن، هوڏانهن هاٿڻ جي بيماريءَ جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ زو جي اڳوڻي ڊائريڪٽر خالد هاشمي کي هٽائي سندس جاءِ تي ڪنور ايوب کي مقرر ڪيو ويو، ٻئي طرف زو جي ڊائريڪٽر ڪنور ايوب ٻڌايو ته هاٿيءَ جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي، پرڏيهي ڊاڪٽرن جي هدايت تي نورجهان جو علاج ڪيو پيو وڃي، اميد ته اها جلد ٺيڪ ٿي ويندي، هر ٽن چئن ڪلاڪن بعد هاٿڻ جا پاسا بدلايا پيا وڃن. ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي  ڊاڪٽرن جي ٽيم پڻ 24 ڪلاڪ ھاٿڻ جي نگراني ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هاٿڻ جي خراب حالت جو ذميوار اڳوڻو ڊائريڪٽر آهي، مون کي جوائننگ ڪندي اڃا 8 ڏينهن مس ٿيا آهن، انشاءَ الله زو ۾ بهتري اچي ويندي، هن چيو ته آصفه ڀٽو  نورجهان لاءِ 6 واٽر اسپري فين موڪليا آهن، جڏهن ته نورجهان کي جيتن ۽ ماڪوڙن کان بچائڻ لاءِ پڃري کي چن ڪرايو آهي، واضح رهي ته ڇهه ڏينھن اڳ نورجهان پاڻي جي تلاءِ ۾ ڪري پئي هئي، جنهن سبب  سندس پوئين ڄنگهه ضايع ٿي وئي ، جڏهن ته  مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري اها مڪمل طور مفلوج بڻيل آهي،