ڪراچي: ڪراچي زو ۾ 10 سال اڳ آندل ناياب قسم جي 50 هرڻن مان رڳو 10 بچيا، 6 واڳن مان 3 غائب ٿي ويا ، 8 مان رڳو 2 شينهن موجود هئا ، ناياب آسٽريلوي طوطا ۽ هرڻن جا ٻچا وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، تفصيل موجب جانورن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته 10 سال اڳ آندل 50 هرڻن جو انگ 80 کان کان 90 هئڻ گهرجي ها، هن وقت رڳو 10 هرڻ موجود آهن، 6 مان رڳو 3 واڳون موجود آهن، ، 8 ناياب شينهن مان اڇي ۽ گولڊن رنگ وارا ٻه شينهن مري چڪا، رڳو 2 شينهن زو ۾ موجود آهن، باقي 4 شينهن غائب آهن، جڏهن ته زو جا آسٽريلوي طوطا به وڪرو ڪيا ويا آهن رابطو ڪرڻ تي زو جي موجوده ڊائريڪٽر ڪنور ايوب ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي جانور مرڻ يا وڪرو ٿيڻ واريون هلندڙ خبرون بي بنياد آهن، ڪراچي زو جي صورتحال بهترين آهي.