پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ گهرواري جي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي سالن ڀيڻيوي کي پيٽ ۾ چاقو هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. تعلقي اسپتال جي ملازم غضنفر شاهه کي سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو. زخمي غضنفر شاهه موجب سندس سالن سان ملڪيت ۾ گھرواريءَ جي حصي تان تڪرار هلندڙ هو. ڪورٽ وڃي رھيو ھئس ته سالن حملو ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.