نوابشاهه/سانگهڙ (رپورٽ: اياز ڏاهري+مير حسن مري) نوابشاهه ۾ ٻن مبينا پوليس مقابلن ۾ 3 ڄڻا هاف فراءِ، هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ. ان سلسلي ۾ نوابشاهه ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سدا واهه جي ڪلھوڙا موري وٽ ضلعي سانگھڙ جي شاھپور چاڪر پوليس جو ڦورن سان مبينا مقابلو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ پوليس ٻن جوابدارن ساجد راڄپر ويٺل فيض گنج ضلعو خيرپور، جاويد زرداري ويٺل لنڊو ضلعو سانگھڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس ٻنھي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ٻنھي جوابدارن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايچ او مقصود مڱڻهار موجب ڏوھاري موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي نوابشاهه جي حدن ۾ پهچي ڪمند جي فصل ۾ گھڙي پوليس سان مقابلو ڪيو. جڏھن ته پوليس مقابلي ۾ ٻنھي ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي مبينا پوليس مقابلي ۾ زخمي ڏوھارين کي پوليس ٽنگو ٽالي ڪري گھليندي رھي. ٻئي طرف نوابشاهه تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو، نتيجي ۾ حقاني ٽائون نوابشاهه جو رهواسي الهه داد زرداري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدار وٽان هٿيار هٿ اچڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي.