سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. اِن ڏس ۾ پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعوى ڪئي آهي ته سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس گذريل رات دير سان گشت دوران گوليمار واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد فخر الدين عرف فرهو سبزوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ پسٽل ۽ ميگزين هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار جو ڏوھي رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.