نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ شادي جي آسري 2 ناريون حميده ڌيءُ نور گل ۽ نازنين ڌيءُ سليم پٺاڻ سڪرنڊ پهچي ويون، جڏهن ته شادي جو آسرو ڏيندڙ ھمراهه فون بند ڪري گم ٿي ويو، نوجوان ناريون رڪشا ڪرائي نوابشاهه لاءِ نڪتيون ته رڪشا واري وري ھڪ ٻئي رڪشا واري کين حوالي ڪري ڇڏيو، ٻنهي نارين رڪشا ڊرائيور کي چيو ته تو سان شادي ڪنديونسين، اسان کي پنهنجي گھر وٺي ھل، رڪشا وارو ٻنھي نارين کي گھر وٺي ويو، جنھن تي رڪشا ڊرائيور جي وارثن چيو ته ھي ڪير آھن، ڪٿان جون آھن، تون کي شادي ڪرڻ نه ڏينداسين، جنھن بعد هنن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن تي وومين پوليس پهچي ٻنهي نارين کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نارين حميده پٺاڻ جو چوڻ آھي ته سندس مڱڻو ٿيل آهي، مان پشاور وينديس اتي منھنجو دوست آھي، نازنين پٺاڻ چيو ته منھنجي شادي ٿيل آھي، منھنجو مڙس مون تي تشدد ڪندو آهي، منھنجي ھتي ڀلي ڪنھن سان به شادي ڪرائي چڏيو پر واپس نه وينديس، پوليس موجب نارين وٽ ڪا به فون وغيره ناھي، ھي ٻئي شادي لاءِ نڪتيون آھن، ھڪ چوي ٿي ته پشاور وينديس، ٻئي چوي ٿي ته ھتي ڪنھن سان به شادي ڪرائي ڇڏيو، وڌيڪ ايس ايس پي جيڪو حڪم ڪندو ان تي عمل ڪيو ويندو.