مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ڳوٺ سوڀو خان خروس ۾ پيرسن عبدالحق خروس جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مقتول عبدالحق خروس جو ڪيس سندس سئوٽ جاڳڻ جي فرياد تي مختيار ناريجو، فاروق ناريجو، بلاول ناريجو، محبوب ۽ نازل ناريجو تي داخل ڪيو ويو. فريادي ڄاڻايو ته مال چارڻ تان ناريجا برادري جا ماڻهو ڌمڪيون ڏيندا هئا. پوليس موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل واٽهڙو گڏهه گاڏو هلائيندڙ صدر هڪڙو جو ڪيس الڳ داخل ڪيو ويندو. هڪ جوابدار نازل ناريجو کي گرفتار ڪيو آهي.