نبي سرروڊ (ن پ ا) نبي سرروڊ ڀرسان ڳوٺ گهنور چانڊيو ۾ 11 ھزار وولٽيج جون تارون ڪرڻ سبب ڳوٺاڻن جون 3 ٻڪريون سڙي مري ويون، دڙيلو موري لڳ ڳوٺ گھنور خان چانڊيو ۾ بجلي جي 11 ھزار وولٽيج جون تارون شارٽ سرڪٽ سبب ڪري پيون، تارون هيٺ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻن محمد صديق، فقير محمد ۽ علي بخش چانڊيو جون هڪ لک جي ماليت جون 3 ٻڪريون موقعي تي سڙي مري ويون. ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته دڙيلو اسٽاپ ويجهو ئي 11 هزار وولٽيج جون تارون ھيٺ ڪريون آهن اتان کان لنگهندڙ ماڻهو پڻ معجزاڻي طور بچيا آهن. هنن چيو ته اسان تارون هيٺ ھجڻ بابت واپڊا انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪيون پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو ۽ اڄ اسان جون هڪ لک رپين جي ماليت جون ٻڪريون مري ويون آهن. هنن حيسڪو چيف ۽ واڳيل اختيارين کان گهر ڪئي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري لائن جي مرمت ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.