نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻن دڪاندارن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. شيراز منگي ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ايس ايڇ او سيد طفيل شاھ شھر ۾ لڳل پوليس پڪٽون ختم ڪري اسان کي چورن حوالي ڪري ڇڏيو آھي. گذريل رات اسان جا چار لک ماليت جا ٻه چنگچي رڪشا نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي چوري ڪري ڪاھي ويا آهن، پر پوليس ھن مھل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. اسان سان ٿاڻي تي ڪو ملڻ ۽ ڳالھائڻ لاء تيار ناھي. ھنن ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان ٻن چنگچي رڪشن سميت شھر مان ٿيندڙ چورين جي رڪوري لاء قدم کڻڻ ۽ شھر مان ختم ڪيل پوليس پڪٽن جي بحالي لاء گھر ڪئي ٻي صورت ھو سخت احتجاج ڪندا. ھوڏانھن رابطي تي ايس ايڇ او نئون ڳوٺ سيد طفيل شاھ ٻڌايو ته پوليس نفري گھٽ ھجڻ ڪري شھر جون پڪٽون خالي آھن ان جي ايس ايس پي دادو کي لکت ۾ درخواست ڏني آھي جيئن پوليس نفري ملي ان کي شھر جي پڪٽن تي مقرر ڪري امن امان سان گڏ ڏوھارين کي پڪڙي انھن کان شھرين جو ڪيل چوريون رڪوري ڪرائي ڏيندس