حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز چيو آهي ته حيدرآباد جي ماسٽر پلان تي عمل ڪري شهر جي انفرا اسٽريڪچر کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽريز جي صدر محمد فاروق شيخاڻي اپيل ڪئي ته حيدرآباد جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ ماسٽر پلان جي نوٽيفڪيشن کي جلد جاري ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي وڃي ته هو ان تي فوري طور عمل ڪن.