نئون ڪوٽ (رپورٽ: حفيظ سنڌي) نئون ڪوٽ ۾ شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن اوباش نوجوانن کي ڪٽڪو، مبينا طور وار ڪتري ڇڏيا، پوليس شاگردياڻين جي وارث کي تحويل ۾ وٺڻ بعد ڇڏي ڏنو، ڌريون راڄوڻي ڪرڻ تي راضي، خبر موجب نئون ڪوٽ جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ جي الزام ۾ شاگردياڻين جي وارثن ٻن اوباش نوجوانن شعيب مهاراج ۽ ريحان سومرو کي سوگهو ڪري ڪٽڪو ڏئي سندن مبينا طور وار ڪتري ڇڏيا، واقعي بعد ٻنهي نوجوانن جا وارث تذليل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ نئون ڪوٽ ٿاڻي تي پهتا، ان موقعي تي الزام هيٺ آيل شعيب مهاراج ۽ ريحان سومرو صحافين کي ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪم سان وڃي رهيا هئا ته عبدالرحمان جٽ ۽ سندس ساٿين بنا جواز پڪڙي مارڪٽ ڪئي ۽ وار ڪتري تذليل جو نشانو بنايو، ٻئي پاسي گرلس هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين حفظه ۽ ربيعه جٽ صحافين کي ٻڌايو ته 6 مھينن کان ٻئي اوباش نوجوان اسڪول اچڻ ۽ موڪل وقت تنگ ڪندا رهن ٿا، ڪالهه به هنن اسڪول مان موڪل وقت ڇيڙڇاڙ ڪئي، جنهن جي شڪايت پنهنجي والدين کي ڪئي، هنن چيو اسان ڪجھه مهينا اڳ اوباش نوجوانن خلاف نئون ڪوٽ ٿاڻي تي لکت ۾ پڻ درخواست ڏني هئي هئي، هنن چيو ته پوليس اسان سان انصاف ڪرڻ بجاءِ اسان جي وارثن کي گرفتار ڪري رهي آهي، شاگردياڻين جي وارث عبدالرحمان جٽ ٻڌايو ته ٻئي اوباش نوجوان ڇوڪرين کي مختلف وقتن تي اسڪول ويندي ۽ موڪل وقت گهر ايندي رستي ۾ تنگ ڪن ٿا، نوجوانن جا وار ڪٽي تذليل ناهي ڪئي، ڪوڙو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، آخري اطلاعن موجب ٻنهي ڌرين پوليس وٽ راضي نامو لکي ڏنو، پوليس موجب ٻئي ڌريون ڪيس داخل ڪرائڻ تي راضي ناهن، ٻنهي ڌرين جو موقف آھي ته اسان ڪيس داخل ڪرائڻ نٿا چاهيون، راڄوڻي ڪري صلح ڪيو آھي، بعد ۾ پوليس حراست ۾ ورتل رحمان جٽ کي ڇڏي ڏنو.