سنڌ جو ڪو به ماڻهو اڄ تائين آپگهاتي بمبار نه بڻيو آهي: وڏو وزير

0
319
سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جو ڪو به ماڻهو اڄ تائين آپگهاتي بمبار نه بڻيو آهي، سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ سهپ جو ماحول صدين کان قائم رهيو آهي

نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سيڪيورٽي ورڪشاپ جي 75 رڪني وفد برگيڊيئر طارق نياز جي سربراهي ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪئي

وڏي وزير جو چوڻ ھو ته ڪراچي ڪنهن وقت دنيا جو ڇهون نمبر خطرناڪ شهر هو، اڄ ڪراچي 76 هين نمبر تي آهي، ، وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار امن امان جي بحاليءَ بعد صوبي جي ترقيءَ تي ڌيان ڏنو

وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ ھو ته قدرتي آفتن باوجود معيشت کي هٿي ڏني وئي، ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ ڪڻڪ جي پوکائي شروع ڪرائي آهي، اميد آهي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن نه ڏسڻو پوندو

ھي به پڙھندا

وڏي وزير جي دوري دوران عورتن جو احتجاج: متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وڏو وزير

حيدرآباد ۾ چيني ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام: سي ٽي ڊي ٰ