ٽنڊو غلام علي/ نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ڀرسان نوجوان گھرو اڻبت تان پاڻ کي ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ياسين ورڪ جي رھواسي ٻن ٻارن جي پيءَ 32 سالن جي ھرچند مبينا طور انب جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اطلاع تي نئون دمبالو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊو غلام علي اسپتال کڻائي آئي، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. فوتي جي پيءُ ڪرشن ڪولهي صحافين کي ٻڌايو ته سندس پٽ جو دماغي توازن درست نه هو، ان ڪري ئي هن اڄ ھن انتهائي قدم کڻندي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.