ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي گهرو سيڪريٽري خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس 27 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل شهري موسيٰ ۽ ٻين کي فوري طور تي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري پيش نه ٿيو ته سخت حڪمنامو جاري ڪيو ويندو. عدالت سڄي ملڪ ۾ قائم حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جي لسٽ به طلب ڪري ورتي آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي گهرو سيڪريٽري لاڳيتو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي، 20 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري معاملي تي بار بار شوڪاز ۽ توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود هو پاڻ پيش نه ٿي رهيو آهي ۽ نه وري وري رپورٽس پيش ڪري رهيو آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا وفاقي گهرو سيڪريٽري پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو؟ گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڌڪا کائي رهيا آهن وفاقي حڪومت کي احساس ئي ناهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا انساني حقن جو خيال رکڻ حڪمرانن جي ذميواري ناهي؟ عدالت چيو ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته وفاقي گهرو سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ئي ڪرڻ نٿو چاهي. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کي هڪ ڀيرو ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 27 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.