مڪاني چونڊون ڪنڊيارو: پهرين عورت اميدوار

0
167
مڪاني چونڊون ڪنڊيارو: پهرين عورت اميدوار

  ڪنڊيارو شھر جي وارڊ نمبر 11 ۾ پھرين عورت اميدوار ڪوثر عزيز گهانگهرو جنرل ڪائونسلر لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آھي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوثر عزيز پھرين عورت آھي جيڪا ڪنڊيارو ۾ آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي اهڙي قدم جي ساراهه ڪئي پئي وڃي، اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪوثر جو چوڻ آهي ته آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهي آهيان، انشاءَ الله عوام جي مدد سان ڪاميابي ماڻي عورتن جي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿارينديس، هن چيو ته موجوده اليڪشن ۾ هتان جو عوام وڏيرن ۽ ڀوتارن بدران هڏڏوکي ماڻهن کي ووٽ ڏيندو، سوشل ميڊيا تي به چيو ويو ته اهو سٺو عمل آهي جو هن ڀيري عورتن پاران به مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو پيو وڃي.