لانگ مارچ: پنجاب کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند: لاھور ميدانِ جنگ بڻيل: پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

0
583

حڪومت جي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ عمران خان ملڪ جي عدليه ۽ فوج کي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هاڻي هو ڊي چوڪ ڏانهن ويندا

عمران خان چيو تھ حڪومت پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ موجب سندس 400 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪارڪنن کي هر صورت ۾ اسلام آباد پهچڻ گهرجي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون ” حڪومت جي ڪريل حربن تي سنگين سوال اُٿي رهيا آهن

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آهي، هر ادارو آئين جي حفاظت جو ذميوار آهي، سپريم ڪورٽ جيڪو به حڪم ڏنو ان تي عمل ڪنداسين

راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي بينچ جوڙي وئي آهي، پي ٽي آءِ بابر اعواڻ جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي ۽ هاڻي وزيراعظم شهباز شريف به عدالتي حڪم تي ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙيندو

راڻا ثناءُ الله چيو ته انتظامن جي ڪري عوام کي پهتل تڪليف تي معذرت خواهه آهيان،اسان کي ٻڌايو ويو ته 20 لک ماڻهن جو وڏو سيلاب ايندو، جڏهن ته گرفتارين بابت به هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙيون ويون

گهرو وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هن وقت ڪجهه سرگرميون جاري آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اتي سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، عمران خان پنج کان ست هزار ماڻهن سان گڏ هليو آهي، هي سڀ حڪومت جي سرپرستي ۾ وفاق تي حملي جي نيت سان آيا آهن

ياسمين راشد ۽ عندليب عباس گرفتاري کانپوءِ ڪجهه دير بعد ئي آزاد

پنجاب پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ عندليب عباس کي گرفتاري کانپوءِ لاهور مان آزاد ڪري ڇڏيو آهي

ياد رهي ته ان کان اڳ ڏنڊا بردار پوليس ياسمين راشد جي گاڏي جي ونڊ اسڪرين کي ٽوڙي ڇڏيو هو جڏهن هوءَ پوليس جو گهيرو ٽوڙي اڳتي هلي وئي هئي

عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ولي انٽرچينج کان پنهنجو “حقيقي آزادي مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي

عمران خان ڪنٽينر تي سوار آهي ۽ سوين ڪارڪن به ساڻس گڏ ڪپتان سان گڏ اسلام آباد طرف مارچ ڪري رهيا آهن

واضح رهي ته عمران خان ولي خان انٽرچينج تائين هيليڪاپٽر ذريعي پهتو هو، جڏهن ته هو هاڻ ڪنٽينر تي سوار ٿي مارچ جي قيادت ڪري رهيو آهي

عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي آهي

بابر اعواڻ موجب عامر ڪياني، وڪيل فيصل چوڌري، علي نواز اعواڻ ۽ مونکي ڳالهين واري ٽيم ۾ نامزد ڪيو ويو آهي

اٽارني جنرل چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي به ٽيم جوڙڻ جو چيو اٿئون، حڪومت کان هدايت وٺي عدالت کي ٽيم جي حوالي سان آگاهه ڪندس

عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته احتجاج ڪيترو وقت هلندو؟، بابر اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته اسان نئين اليڪشن جو مطالبو ڪريون ٿا، ان کان پوئتي نه هٽنداسين

ڪارڪن منگلا پل پهچي پوليس سان مقابلو ڪن: فواد

ڪٿي آهن 20 لک ماڻهو؟ مريم نواز جو سوال

پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت ٽوئٽ ڪندي سوال ڪيو آهي ته ڪٿي آهن 20 لک ماڻهو، سموري پنجاب مان رڳو 500 ماڻهو ناهن نڪتا

لانگ مارچ ناڪام ٿيو ته جلسي جي تجويز کڻي آيا: مريم نواز

اهو سچ آهي ته ٻن ڏينهن کان لانگ مارچ کي ناڪام ٿيندي ڏسي، ڪنهن سيف ايگزٽ جي ڳولا ۾ هئا، اڄ جڏهن لانگ مارچ مڪمل طور فلاپ ٿي ويو ته هي سڀ لانگ مارچ بدران جلسي جي تجويز کڻي آيا

اسلام آباد جي علائقي بليو ايريا ۾ پوليس جي پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ

اسلام آباد جي اندرين روڊن تي ٽريفڪ شام 4 وڳي تائين معمول تي هئي پر 4 وڳي کانپوءِ پوليس بليو ايريا تي شيلنگ ڪئي

بليو ايريا ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتار پرڻ ڪيو ويو آهي

عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي آهي

بابر اعواڻ موجب عامر ڪياني، وڪيل فيصل چوڌري، علي نواز اعواڻ ۽ مونکي ڳالهين واري ٽيم ۾ نامزد ڪيو ويو آهي

اٽارني جنرل چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي به ٽيم جوڙڻ جو چيو اٿئون، حڪومت کان هدايت وٺي عدالت کي ٽيم جي حوالي سان آگاهه ڪندس

عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته احتجاج ڪيترو وقت هلندو؟، بابر اعواڻ
عدالت کي ٻڌايو ته اسان نئين اليڪشن جو مطالبو ڪريون ٿا، ان کان پوئتي نه هٽنداسين

عمران نيازي! ڪٿي آهي 20 لک عوام جو انقلاب؟

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير لاهور ۽ صوابي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ڪارڪنن جي انگ تي طنزيه ٽوئٽ ڪيو

تازين رپورٽن موجب فواد چوڌري هن وقت اسلام آباد پهچي ويو آهي، جنهن سان گڏ 2 کان اڍائي سئو ماڻهو آهن

ڪا به ڊيل ناهي ٿي، نين چونڊن جي اعلان تائين اسلام آباد ۾ رهنداسين: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيل بابت غلط افواهه پکيڙيا پيا وڃن، اسان اسلام آباد اچي رهيا آهيون، ڊيل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي

عمران خان چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جا مطالبا پورا ٿيڻ تائين اسلام آباد ۾ ئي رهنداسين، هن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي عوام کي مارچ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني

صوابي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ

عمران خان جو قافلو جيئن ئي صوابي کان اسلام آباد طرف روانو ٿيو، پوليس قافلي کان چار کان پنج ڪلوميٽر پري پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي، پوليس موجب پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪنٽينر هٽائي رهيا هئا

اٽڪ پل تي پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي ، جنهن سبب روڊ ڀرسان باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڍور سڙي مرڻ جا اطلاع به سامهون آيا آهن

قافلي ۾ موجود تحريڪ انصاف جا ڪارڪن شيلنگ کان بچڻ لاءِ ڊڪندي نظر آيا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪجهه ڪنٽينر هٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا

“سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا ۽ خاموش آهيون”

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ معاهدي جي خبرن تي تبصرو ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو ته جن کي ڊي چوڪ پهچڻ جو يقين آهي، اهي ائين نه ڪن، جيڪڏهن مون انڪار ڪيو ته سڀ تفصيل سامهون اچي ويندا

اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي مارچ لاءِ اين او سي ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي مارچ لاءِ اين او سي ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، ذريعن موجب انتظاميا پي ٽي آءِ اڳواڻن کي خط لکي اجازت نه ڏيڻ جي ڪارڻن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آھي

ذريعن موجب انتظاميا جوابي خط ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي مارچ سبب ايئرپورٽس ۽ رستا بند ٿي ويندا، جي نائين ۽ ايم نائين جي وچ وارو علائقو مارچ لاءِ مناسب ناهي، تنهنڪري اُن علائقي ۾ مارچ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد ۾ مارچ جي اجازت وٺڻ لاءِ انتظاميا وٽ درخواست داخل ڪئي وئي هئي

اسلام آباد جي داخلي رستن تي ڪنٽينر ۽ سخت سيڪيورٽي

اسلام آباد جي واقع داخلي رستن سنگجاني ٽول پلازه، جي ٽي روڊ سميت شهر سان لڳندڙ سمورا ڪنٽينر رکي بند ڪيا ويا آهن، پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي

ڪنٽينرن جي ڪري مقامي ماڻهو روڊ بدران مشڪل رستن جو استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب کين پريشانيون پڻ ڀوڳڻيون پئجي رهيون آهن

عمران خان جي ڊي چوڪ پهچڻ واري اعلان بعد اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا ويا آھن، ڊي چوڪ کي چئني پاسن کان ڪنٽينرز رکي بند ڪيو ويو،لاهور ۽ پشاور کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند ڪرڻ بعد وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا

فيض آباد انٽرچينج سيل، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ميٽرو بس سروس بند، جاڙن شهرن ۾ بس اڏا بند ڪري ٽرانسپورٽرز کي رستن تي گاڏيون نه آڻڻ جي هدايت، پنجاب جي 300 مختلف جاين تي موبائيل فون سروس معطل، اسلام آباد پنجاب ۽ سنڌ ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي

لانگ مارچ: ڪراچي جي صورتحال

ڪراچي ۾ نمائش چورنگي تي احتجاج کان روڪڻ تي پوليس ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن آمهون سامهون آهن، ڇڪتاڻ ۽ چڪرين بعد هڪ معذور عورت سوڌو 7 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن وڏي انگ ۾ ڪارڪن نمائش چورنگي تي موجود آهن

رينجرز اهلڪار به پهچي ويا، انتظاميا نمائش چورنگي ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئين جي محافظ آهي، هر ادارو آئين جي حفاظت جو ذميوار آهي، سپريم ڪورٽ جيڪو به حڪم ڏنو ان تي عمل ڪنداسين

راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي بينچ جوڙي وئي آهي، پي ٽي آءِ بابر اعواڻ جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي ۽ هاڻي وزيراعظم شهباز شريف به عدالتي حڪم تي ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙيندو

راڻا ثناءُ الله چيو ته انتظامن جي ڪري عوام کي پهتل تڪليف تي معذرت خواهه آهيان،اسان کي ٻڌايو ويو ته 20 لک ماڻهن جو وڏو سيلاب ايندو، جڏهن ته گرفتارين بابت به هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙيون ويون

گهرو وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هن وقت ڪجهه سرگرميون جاري آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اتي سرڪاري وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، عمران خان پنج کان ست هزار ماڻهن سان گڏ هليو آهي، هي سڀ حڪومت جي سرپرستي ۾ وفاق تي حملي جي نيت سان آيا آهن

ھي به پڙھندا

شيخ رشيد بار بار ڏڦيڙ پکيڙڻ جا بيان پيو ڏئي:چيف جسٽس