اشو آف دي ڊي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ قلم 144

0
140
اشو آف دي ڊي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ قلم 144

 سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونهي ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي ايتري فراواني آهي جو ننڍا وڏا ڪئنال ۽ شاخون ڦاٽان ڦاٽان ڪري وهن پيون، پنجاب جا ڊيم به پيا ڀرجن. پر سنڌو درياءَ جي حقيقي وارثن کي ان مان ڦڙو به نه پيو ملي. سنڌ کي پيئڻ لاءِ به پاڻي ڪونهي. پنجاب ته پنهنجا ٻه درياءَ، پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي وڪڻي ڀارت کي ڏئي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ مُنڍي تي ويٺل هجڻ جو ناجائز فائدو وٺندي اسان جو درياءَ زبردستي ۽ دهشتگرديءَ سان يرغمال ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي جڏهن سنڌ جا وارث پنهنجي درياءَ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن ته سندس پڇ تي لت اچي وئي آهي ۽ وايون بتال ٿي ويون اٿس.۽ وزارت داخلا کي پنهنجي مقصد ۾ استعمال ڪندي سنڌ ۾ جلسن جلوسن ۽ احتجاجن ڪرڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جيئن جو تيئن برقرار آهي. اسان جا آبادگار سارين جي فصل جي تياريءَ ۾ آهن پر پاڻي ڪونهي. وقت تي پاڻي نه پهتو ۽ وقت سر ٻيجارا تيار نه ٿيا ته زمين گهربل پيداوار جي به قابل نه رهندي ۽ اهڙي ريت زراعت جي مجموعي اپت گهٽجي ڪري پوندي ۽ اها صورتحال گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان هڪ سوچيل ايجنڊا تحت پيدا ڪئي پئي وڃي ته جيئن سنڌ جي زرعي معيشت ويهجي وڃي ۽ سنڌ جا زميندار ۽ آبادگار بيزار ٿي پنهنجون زمينون بلڊرز مافيا کي سستي اگهه ۾ وڪڻي ڏين ته جيئن اهي وري سنڌ ۾ ڌارين کي ڏئي انهن کي هتي آباد ڪرائين. سنڌ ۽ سنڌي قوم جي خلاف گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان ان ايجنڊا تي ڪم پابنديءَ سان هلي رهيو آهي. سنڌ جي ساڃاهه وند ۽ سياسي سوچ رکندڙ ڌرين کي پنهنجا اختلاف وساري هن اهم معاملي تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ۽ انهن کي  گڏجي ڪا بهتر حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)