سوال/سروي عمران انتشار چاهي ٿو، پهريان وانگر هٿئين خالي موٽندو پي ٽي آءِ جو مارچ ڪامياب ويندو يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
215
سوال/سروي عمران انتشار چاهي ٿو، پهريان وانگر هٿئين خالي موٽندو پي ٽي آءِ جو مارچ ڪامياب ويندو يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اربع تي اسلام آباد ڏانهن مارچ ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، اوهان ان اعلان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، هي حڪومت ۾ رهيو مهانگائي ڪري ويو، معيشت تباهه ڪري ويو، هاڻ وري اچي ڇا ڪندو، اڳ واري ڌرڻي وانگر هن ڀيري به هٿئين خالي موٽندو، ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران خان سٺو عمل ڪيو آهي، اليڪشن جو اعلان وٺي واپس ويندو، مارچ ۽ ڌرڻو ڪامياب ويندو،امپورٽڊ حڪومت کي رد ڪريون ٿا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته عمران انتشار ڦھلائي رھيو آھي ھاڻي اگر اليڪشن جو اعلان ٿي به پوي ۽ نتيجا سندس سوچ جي برخلاف آيا ته وري به روڊن تي هوندو، عابد ڀٽي لکيو ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار ڦھلائڻ ٿو چاھي ھن کان ملڪ ھلي نه سگيو، غلامي ۽ پرڏيهي سازش جو راڳ ڳائي پنهنجي سياست بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي عمران خان ڀلي مارچ ڪري حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪندي،

ممتاز ڪنڀر لکيو ته عمران خان جي ڌرڻي جو سبب صرف ھڪڙو آھي مون کي حڪومت ڪرڻ ڪونه ڏني آئون به حڪومت ڪرڻ ڪونه ڏيندس. خالد ڀرڳڙي لکيو ته عمران جو فيصلو بلڪل صحيح آهي امپورٽڊ حڪومت کي اسان رد ٿا ڪريون، الطاف پرويز لکيو ته اڳ ۾ به ڌرڻن ۽ انتشار پيدا ڪرڻ جو سبب عمران خان ئي رهيو آهي جيڪڏهن ڌرڻن سان حڪومتون حاصل ڪرڻيون آهن ته پوءِ اسيمبليون بي معنيٰ آهن، نياز ڪلوئي لکيو ته عمران جو مقصد آهي مان ناھيان ته ڪير به نه اچي اھو عمل پاڪستان لاءِ نقصانڪار آهي، انور ڪلوئي به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز چانگ لکيو ته ان سان ملڪي حالتون ڏڦيڙ ڏانهن وينديون، اسلم سمون لکيو ته عمران خان ٽڪراءَ واري سياست ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ڪنهن به ريت ملڪي مفاد ۾ ناهي، الياس سمون لکيو ته ڌرڻن جو حق آهي عمران خان کي ڀلي ھڻي، سليم اختر لکيو ته ان کان اڳ اليڪشن جو اعلان ٿي ويندو، ظهور خاصخيلي لکيو ته عمران خان جنهن پهرين 126 ڏينهن  ڌرڻو هنيو هو ان جو نتيجو عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ مليو هاڻي عوام ڌرڻي ۾  مشڪل اچي،

محمد حنيف لکيو ته افراتفري ٿيندي، حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، ممتاز سميجو لکيو ته آصف زرداري حڪومت جو ساٿ ڏنو ته هن ڀيري عمران خالي موٽندو، شر ڪامران ضمير لکيو ته ھي نا اھل آھن ڊالر چوٽ تي پھتو آهي مهانگائي ٻيڻي ٿي وئي آهي، شاهزيب وزير سولنگي لکيو ته انشاءَالله ڪجھه تبديلي ايندي، يعقوب کوسو لکيو ته لانگ مارچ سڀني ڪيا آهن عمران کي به جهموري حق آهي، عامر کوسو لکيو ته عمران خان اڳ  به ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو هاڻ به ساڳي تاريخ ورجائڻ وڃي پيو، عمر جان مري لکيو ته عمران خان مهانگائي ڪئي جيڪا عوام اڃا ڀوڳي پيو، مير سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪ جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو پر هي ٻين کي به ڪم ڪرڻ نه ڏيندو، هڪ سال هن حڪومت کي ڇڏي ڏئي ته ڏسجي ڇا ٿو ٿئي. بلاول علي زندپور لکيوته عمران خان جي فطرت ٿي وئي آهي پھرين به خالي ھٿ ويو ھيو ھاڻي به خالي ھٿ ويندو اقتدار مان گذري ويو آهي ڪوڙ کانسواءِ ٻيو ڪجھه به ڏئي نه سگهيو ناڪام ٿي ويو،

محمد ثوبان لکيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڌرڻو نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿئي، امتياز جمالي لکيو ته اليڪشن جي تاريخ وٺي ايندو، سمير احمد لکيو ته آزادي مارچ هر ڪنهن جو حق آهي. عمران خان سان پورو پاڪستان گڏ آهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته انشاءَ الله عمران خان ڪامياب ٿيندو، سنتوش ڪمار لکيو ته احتجاج جمهوري حق آهي پر ملڪي حالتن کي به ڏسڻ گهرجي،، مجيد بوزدار لکيو ته نيازي پنهنجي انا ۽ ضد سبب ملڪ جو ڏيوالو ڪڍرائيندو، راجا رميز چانڊيو لکيو ته حڪومت جو سياسي جنازو ڪڍي پوءِ ايندو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته مارچ سڀني جو حق آهي، مير سڪندر سولنگي لکيو ته لڳي ٿو عمران پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ويندو، علي مقبول احمد لغاري لکيو ته عمران خان سچو آهي، جاويد شر لکيو ته عمران خان ڪامياب ويندو، ساگر صديق لغاري لکيوته اسان جو ڇا وڃي، حبدار علي وارث لکيو ته عمران خان ڪامياب ٿيندو، جنيد جمالي لکيو ته عمران ڌرڻو ضرور هڻندو،

نجف بلوچ لکيو ته اهو واندو آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته اها ته عمران خان جي عادت آهي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته امپورٽڊ حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪندو، راحيل سهتو لکيو ته مطلب نئين اليڪشن آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته عمران ڌرڻو هڻندو ڇو ته هو ڌرڻي جو کٽيو کائي چڪو آهي، نالي مٺو نهڙي لکيو ته سٺو اعلان آهي، عبدالله ميراڻي لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندس اهي ڌرڻا جلوس جلسا هر اپوزيشن پارٽين جو حصو هوندا آهن باقي ڇا به ڪري پر حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو هيءَ حڪومت پنهنجو مدو پوري ڪندي. آسودومل لوهاڻو لکيو ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار ڦهلائي رهيو آھي، لياقت علي نهڙي لکيو ته بهترين فيصلو هن امپورٽڊ حڪومت کان عوام کي نجات ڏياري جلد اليڪشن ڏانهن وڃڻ آهي، علي اصغر گيڙانو به سروي ۾ حصو ورتو، قربان علي ميراڻي لکيو ته فسادي ماڻهو آهي، مصور حيدر اعواڻ به سروي ۾ حصو ورتو، محمد صائم لکيو ته صحيح ٿو چوي،

مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته احتجاج هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي، علي ذاڪر تنيو لکيو ته عمران خان ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي رهيو آهي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي بيان ڪرڻ بجاءِ ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڪري رهيو آهي، گلزار خشڪ لکيو ته پرامن ڌرڻو هر ڪنهن سياسي پارٽي جو حق آھي، عامر جوڳي لکيو ته حڪومت ۽ عمران خان کي هاڻي پاڻ ۾ هڪ ٿي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، باقي ڌرڻا مسئلي جو حل ناهي، مير اظهار لکيو ته رانا ثناءُالله هن کي صحيح ڪري ڇڏيندو، صدر ننواڻي لکيو ته اليڪشن جي تاريخ وٺي ايندو، مسرور شر لکيو ته عمران پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪ جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، عثمان علي جتوئي لکيو ته ڪجهه تبديلي ايندي، شاڪر جمال گجو لکيو ته مارچ جمهوري حق آهي، الهڏنو راڄڙ لکيو ته عمران جو فيصلو بلڪل صحيح آهي، مير نادر علي، غلام رضا راڄپر، نواب علي، فضل سبزوئي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، عرفان گل، محمد الياس شر، خاموش خليل شر،منيش واسو، ممتاز علي لاکو، عبدالحئي ساوند، فيض احمد، حاجي محمد جهاڳورو، اسلم سمون به سروي ۾ حصو ورتو.