مورو (ن پ ا): مڙس جي تشدد، معصوم نياڻيون کسڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف عورت مسمات تھمينا ڌيءَ محمد اشرف شيخ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھن چيو ته مان نوان جتوئي شھر جي رھواسڻ آھيان منھنجي مائٽن نواب ولد محمد صالح شيخ سان شادي ڪرائي ھئي جنھن مان موکي ٽي نياڻيون ھڪ پٽ جو اولاد آھي ۽ منھنجو مڙس مون مٿان روز جي بنياد تي تشدد ڪندو رھندو ھو ۽ غلط ماڻھن سان واسطو ھو جنھن جي منع ڪرڻ تي ڪجھه ڏينھن پھريان نشي ۾ ڌت ٿي سخت تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آھي ۽ منھنجيون ٻه نياڻيون عشاءَ بتول ۽ فضا بتول کي زبردستي رکي ڇڏيو آھي ۽ آواز اٿارڻ تي ھو بااثر ماڻھن جي سپورٽ حاصل ڪري مڇرجي منھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ مٿان نوشھروفيروز ٿاڻي تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي جنھن جي جاچ ڪرائي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرايو وڃي ۽ مان پنھنجي حق انصاف لاءِ فيملي ڪورٽ مورو ۾ وئي آھيان ته مون کي پنھنجيون نياڻيون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي ۽ مان ھاڻي ھن نشئي مڙس سان وقت نه ٿي گذارڻ چاھيان.