ڀٽ شاهه (ن پ ا) هندو پئنچات ڀٽ شاھ جو وفد انصاف جي فراهمي لاءِ درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه جي اڳواڻي ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد وٽ پهچي ويو سيد خاور حسين شاه جي اڳواڻي ۾ وفد جي ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ هندو برادري سان زيادتين بابت آگاهه ڪيو، وفد ۾ پرڪاش سنگھ، ديوان ايشور داس، لڇمڻ داس ۽ ٻيا شامل هئا درگاھ ڀٽائي جي قائم مقام سجاده ۽ هندو واپارين پاران ڊي آءِ جي کي ٿيندڙ ڦرلٽ واقعن ۽ پوليس جي دلاسن بابت آگاهه ڪيو ڊي آئي جي حيدرآباد پير محمد شاهه پاران ايس ايس پي مٽياري کي فوري طور تي ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ هندو واپارين کي تحفظ ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.