لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي قمبر جي ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسين ٻه مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پيرسن علي نواز منگي پنهنجي ڌيءَ نوشين خاتون، ننهن شبيران ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 15 مارچ تي رات جي وقت چئن سرڪاري گاڏين ۾ سوار 10 کان وڌيڪ سول ڪپڙا پهريل ماڻهو اسان جي گهر ۾ داخل ٿي نوجوان پٽ الله رکيو عرف آفاق منگي کي زبردستي کنڀي کڻي ويا آهن، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو ناهي، هن چيو ته پٽ مٿان ڪو به ڪيس داخل ناهي ۽ نه ئي وري سندس تعلق ڪنهن سياسي جماعت سان آهي، هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي آزاد ڪيو وڃي.