دبئي (دلچسپ نيوز) هڪ مهاڻو راتو رات ڪروڙ پتي بڻجي ويو، هڪ رات ۾ سوا ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ورتا. ماهيگيري تي پابندي هٽڻ جي پهرئين ڏينهن ئي شڪار تي ويندڙ مهاڻي ۽ سندس ساٿين جي قسمت چمڪي پئي. ڀارت جي شهر ممبئي جي ناخدا چندرا ڪانت ۽ سندس ساٿين جڏهن سمنڊ ۾ ڄار اڇليو ته کين اندازو نه هو ته اهو شڪار سندن قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو. جيئن ئي هنن ڄار کي ٻاهر ڇڪيو ته سندن اکيون پٽجي ويون ڇو جو ڄار مهانگين ”سوا“ مڇين سان ڀريل هو. چندرا ڪانت ڪناري تي پهچڻ کان اڳ ئي شڪار ڪيل 157 ”سوا“ مڇين جي وڊيو پنهنجي دوستن کي موڪلي ڇڏي هئي جيڪا وائرل ٿي وئي. جڏهن هو ڪناري تي پهتو ته خريدار اها مڇي خريد ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيٺا هئا. مهاڻن في مڇي 85 هزار ڀارتي رپين جي حساب سان وڪرو ڪري راتو رات 1 ڪروڙ 33 لک ڀارتي رپيا ڪمائي ورتا. واضح رهي ته ”سوا“ مڇي جي مهانگي هجڻ جو سبب اهو آهي ته بالغ سوا مڇي جي جهلي مان سرجري جا ڌاڳا (ٽاڪا) ٺهندا آهن .